9 مئي جهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، ذميوارن خلاف بنا فرق فيصلائتي ڪارروائي ڪنداسين: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 277هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ڪانفرنس ۾ موجودا سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندي ملڪ کي هر قسم جي خطرن کان بچائڻ لاءِ اعليٰ سطح جي آپريشنل تياري برقرار رکڻ جو عزم ورجايو ويو.
فورم دهشتگردي خلاف پاڪستان جي دفاع جي حق جي توثيق ڪندي افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي خلاف هدفي ڪارروائين جي عزم جو اظهار ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردي جي سهولتڪاري ڪندڙ طالبان قيادت پنهنجي قدمن جي نتيجن جي پاڻ ذميوار هوندي.
فورم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان انٽيليجنس بيسڊ دهشتگردي مخالف ڪارروائين کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوجي قدمن سان گڏ غير فوجي قدمن کي به اثرائتو بڻايو وڃي.
ان سلسلي ۾ هيٺين سطح تي عوامي ڀلائي تي ٻڌل طرز حڪمراني، عوام سان اثرائتا رابطا، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ جو خاتمو ۽ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ کي اڻٽر قرار ڏنو ويو، اهي قدم نيشنل ايڪشن پلان ۽ ويزن عزمِ استحڪام موجب قرار ڏنا ويا.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس اندروني استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي واضح ڪيو ته ڪنهن به بهاني سان ڏڦيڙ پکيڙڻ يا 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي قانون تحت بنا ڪنهن فرق ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي فيصلائتي انداز ۾ ناڪام بڻايو ويندو.
فورم پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ طئي ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جو آجيان ڪندي ان کي گڏيل دفاعي سهڪار ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي واڌاري لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.
ڪانفرنس سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي سخت مذمت ڪئي، سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ حرَمين شريفين جي تحفظ ۽ تقدس لاءِ پاڪستان جو عزم ورجايو.
اجلاس ۾ ۾ والاريل ڪمشير ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
فورم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي حل جي حمايت جو عزم ورجايو.
آءِ ايس پي آر موجب، تقريب جي پڄاڻي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير فارميشنز جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيو. هن ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته انٽيليجنس جي بنياد تي ٿيندڙ ڪارروائين کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ ملٽي ڊومين انٽيگريشن ذريعي دفاعي صلاحيتون وڌايون وڃن.
فيلڊ مارشل عاصم منير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته قوم جي ڀرپور حمايت سان هٿياربند فوجون پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.

You might also like