برطانيا (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ ڊيزل جي قيمت هن هفتي جي شروعات ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح 199.33 پينس في ليٽر تائين پهچي وئي.
موٽرنگ تنظيم آر اي سي موجب، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب عالمي منڊي ۾ ٻارڻ مهانگو ٿيڻ ڪري برطانيا ۾ به ڊيزل جي اگهن ۾ نمايان واڌارو ٿيو آهي.
آر اي سي سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊيزل جا اگهه هاڻي غيرمعمولي حد ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ اها صورتحال ياد ڏياري ٿي ته برطانيا دنيا جي ڏورانهن علائقن ۾ ٿيندڙ واقعن کان ڪيترو متاثر ٿي سگهي ٿو.
تنظيم موجب، فيبروري جي آخر ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 59 پينس في ليٽر، يعني لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ان کان اڳ ڊيزل جي سڀ کان بلند قيمت جون 2022ع ۾ 199.09 پينس في ليٽر رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن روس طرفان يوڪرين تي مڪمل حملو ڪرڻ کانپوءِ عالمي توانائي منڊيون سخت دٻاءَ جو شڪار ٿي ويون هيون.
آر اي سي طرفان ڊيزل جي اگهن جا تازا انگ اکر اڄ دير سان جاري ڪيا ويندا، جن کي سامهون اچڻ سان ئي رپورٽ ڪيو ويندو.
باهه لڳندي ته ڪيئي گهر ساڙيندي “، وچ اوڀر ڇڪتاڻ برطانيا ۾ ٻارڻ جا اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيا
You might also like