” هي نظام آ خراب“ تعليمي بحران خلاف شاگرد روڊن تي نڪري آيا، فرانس ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول بند

فرانس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ خلاف شروع ٿيل شاگردن جي احتجاج شدت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل آن لائن منتقل ڪيو ويو آهي.
فرانس جي تعليم واري وزير ايدوار جفري موجب، تازي احتجاجي لهر دوران 65 تعليمي عملي جا ميمبر زخمي ٿيا آهن، جن ۾ 40 اسڪولن جا سربراهه پڻ شامل آهن.
سندس چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ اسڪولن کي سخت نقصان رسيو آهي ۽ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي عمارتن ۽ سهولتن کي نقصان پهچڻ سبب معمول موجب تدريس ممڪن نه رهي آهي.
حڪومت موجب، احتجاجي تحريڪ جي شروعات استادن ۽ عملي جي کوٽ، ڪلاس رومز ۾ وڌندڙ رش ۽ زبون حال تعليمي عمارتن خلاف ٿي هئي، پر پوءِ ان ۾ شدت اچي وئي ۽ ڪجهه هنڌن تي پرتشدد واقعا پڻ پيش آيا.
فرانس جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۽ چڪرين دوران هڪ هزار 949 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 305 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن.
احتجاج جي شروعات گذريل هفتي 15 کان 18 سالن جي عمر وارن شاگردن لاءِ قائم هاءِ اسڪولن مان ٿي هئي، پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اها تحريڪ ملڪ جي مختلف علائقن تائين پکڙجي وئي.
سرڪاري انگن اکرن موجب، هن وقت تائين هڪ هزار 27 هاءِ اسڪول ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ احتجاج کان متاثر ٿيا آهن، جن مان 222 ادارن جا داخلا رستا مڪمل يا عارضي طور بند ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي يونيورسٽي جا شاگرد به هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن، اطلاعن موجب، پئرس ۽ رينز سميت گهٽ ۾ گهٽ 30 يونيورسٽين جي ڪئمپسز ۾ پڻ شاگردن احتجاجي ڌرڻا ۽ رستا ڪيا آهن.
تعليم واري وزير ايدوار جفري ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته احتجاجي تحريڪ کي ڪجهه عنصرن هاءِ جيڪ ڪري ورتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي استادن کيس ٻڌايو ته احتجاجي سرگرمين ۾ شامل ڪجهه ماڻهو سندن پنهنجا شاگرد نه هئا.
پئرس حڪومت جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن جي بحالي ۽ شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ۽ ڇڪتاڻ بدستور جاري آهي.
اختيارين کي خدشو آهي ته جيڪڏهن شاگردن ۽ حڪومت وچ ۾ اختلاف برقرار رهيا ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تعليمي ادارا پڻ متاثر ٿي سگهن ٿا.

You might also like