حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل، ٻيو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ (قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جي نمائندن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو، ڌرين ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ قومي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته ڪنهن حتمي اڳڀرائي بدران ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ حڪومت، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جي وفدن پنهنجا پنهنجا موقف هڪ ٻئي سامهون رکيا ۽ مختلف سياسي ۽ قومي معاملن تي صبر ۽ سنجيدگي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي منجهند 2 وڳي اسپيڪر چيمبر ۾ ٿيندو، جتي بحث هيٺ آيل معاملن تي وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي.
اجلاس دوران حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي مسئلن ۽ سياسي اختلافن جو حل ڳالهين ۽ سياسي مڪالمي ذريعي ڳولڻ گهرجي، ڌرين ڇڪتاڻ بدران ڳالهين جو عمل جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو.
قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق حڪومت، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو عمل ممڪن بڻائڻ ۽ ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
اجلاس ۾ حڪومتي وفد طرفان وفاقي وزيرن محسن نقوي، راڻا ثناءُ الله، امير مقام، طلال چوڌري ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري شرڪت ڪئي، جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان، نويد قمر ۽ اعجاز حسين جاکھراني پڻ ڳالهين جو حصو هئا.
اپوزيشن جي نمائندگي بئريسٽر گوهر علي خان، علامه راجا ناصر عباس، اسد قيصر، ملڪ عامر ڊوگر ۽ سلمان اڪرم راجا ڪئي.

You might also like