مديني تي حملي جو الزام، حوثي باغين جو ردعمل اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) حوثي باغين 29 سيپٽمبر تي سعودي عرب جي اولهندي علائقي مديني کي نشانو بڻائڻ لاءِ حوثين طرفان حملي ڪرڻ واري تازي الزام کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، حوثين جي انتظام هيٺ هلندڙ ٽي وي چينل المسيرا اڄ صبح خبر ڏني ته حوثي اختيارين چيو آهي ته اها دعويٰ هڪ نئين جڙتو ڪهاڻي آهي، جنهن جي سمورن نتيجن جي ذميواري دشمن تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ اِهو اسلامي مقدس ماڳن جي کليل استحصال جو هڪ مثال آهي.“
حوثين جي سڌ سماءُ واري نائب وزير عمر البخيطي هڪ بيان ۾ چيو ته ”سعودي دشمن مڪي کي نشانو بڻائڻ جو ڪوڙو الزام گهڙڻ ۾ ناڪام رهيو، تنهنڪري اڄ هو هڪ نئين ڪوڙ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اهو به پهرئين ڪوڙ وانگر ناڪام ٿيندو.“
البخيطي ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته سعودي دشمن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي ته هو پنهنجي اڳرائي بند ڪري ۽ يمنين جو گهيراءُ ختم ڪري، جڏهن ته دنيا جو ڪو به ڪوڙ اسان جي عوام جي جائز مطالبن تي عملدرآمد جو متبادل نٿو بڻجي سگهي.

You might also like