مون نثار کهڙي سان رابطو ڪري سنڌ ورهائڻ خلاف ٺهراءَ جو ڊرافٽ تيار ڪري موڪليو هو: قادر مگسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي دعويٰ ڪئي آهي ته هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نثار احمد کهڙي سان فون تي رابطو ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي سخت اعتراض ڪيو هو.
ڊاڪٽر قادر مگسي موجب، هن نثار کهڙي کي چيو ته اوهان ايم ڪيو ايم کي سنڌ اسيمبلي جي فلور تي صوبي جي ورهاڱي بابت پنهنجو موقف رڪارڊ ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهيو، جيڪو سنڌ سان غداري برابر آهي، تنهنڪري اوهان کي هن معاملي تي سنجيدا قدم کڻڻ گهرجن.
هن دعويٰ ڪئي ته هن نثار کهڙي کي مشورو ڏنو ته سڄي معاملي کي ٺهراءَ جو ڊرافٽ ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد پاس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سياسي طور صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي ۽ اوهان جو حشر خراب ٿيندو.
ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته سندس ڳالهه کانپوءِ نثار کهڙي کيس چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب، پوءِ ٺهراءُ لکي موڪليو.“
قومپرست اڳواڻ موجب، ان کانپوءِ هن قرارداد جو ڊرافٽ تيار ڪري موڪليو، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو.

You might also like