مسلسل توهين عدالت تي ٽرمپ کي جيل موڪلڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي جج اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جيل موڪلڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڏهون ڀيرو توهين عدالت تي جج جو صبر جواب ڏئي ويو، جنهن کانپوءِ هن ٽرمپ کي جيل موڪلڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.
آمريڪي جج ڊونلڊ ٽرمپ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪندي خبردار ڪيو ته ايندڙ ڀيري توهين عدالت تي جيل موڪليندس.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ذاتي معاملا لڪائڻ لاءِ ڪيل غير قانوني ادائيگين جي ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل هفتي به توهين عدالت تي مٿس 9 هزار ڊالر ڏنڊ لاڳو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.