ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ، ڪهڙي ٽيم جي ڪِٽ بهترين آهي؟ سوشل ميڊيا تي لفظي جنگ ڇڙي وئي

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 کان اڳ ئي پاڪستان ۽ ڀارت جي مداحن ۾ سوشل ميڊيا تي لفظي جنگ ڇڙي وئي آهي.
گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪِٽس جي مهورت ڪئي. جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو.
ڪجهه مداح پنهنجي ٽيم جي جرسي جي سپورٽ ڪندي نظر آيا جڏهن ته ڪجهه ٻنهي روايتي مخالفن جي جرسين تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا.
ڪيئي واهپيدارن ڀارتي ٽيم جي جرسي کي صرف ايڪسل سان ملندڙ جلندڙ قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه ڀارتين به پاڪستاني ٽيم جي جرسي کي ٽرول ڪيو.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 24 ڏينهن بچيا آهن، پاڪستاني ٽيم روايتي مخالف ڀارت خلاف نوَ جون تي نيويارڪ ۾مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.