ڏکڻ آفريقا ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِرڻ سبب ڪيترائي اجل جو شڪار

پريٽوريا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِرڻ سان 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي دٻجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو جارج شهر ۾ پيش آيو، اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار پهتا ۽ انهن امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ملبي مان 26 ڄڻن کي ريسڪيو ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب ملبي ۾ لڳ ڀڳ 50 ڄڻا اڃا دٻيل آهن، جن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ امدادي سرگرميون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.