يوٽيوب تي وڊيوز جو بهترين حصو ڏسڻ وارو فيچر متعارف، استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

يوٽيوب ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچر ” Jump Ahead“ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اِهو فيچر يوٽيوب پريميئم واهپيدارن کي دستياب هوندو، جيڪو فلحال رڳو اينڊرائيڊ ڊيوائسز تي ئي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
فيچر جي آزمائش مارچ ۾ شروع ڪئي وئي هئي ۽ ان ذريعي واهپيدارن کي ڪنهن وڊيو کي پورو ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي، حقيقت ۾ هي فيچر واهپيدارن کي سڌي ريت وڊيو جي سڀ کان دلچسپ حصي ڏانهن وٺي ويندو.
وڊيو جي دلچسپ حقي جو تعين واچ ڊيٽا ۽ اي آءِ ٽيڪنالوجي جي مدد سان ڪيو ويندو.
جيڪڏهن واهپيدار ڪائي وڊيو پوري ڏسڻ بدران رڳو ان جو بهترين حصو ڏسڻ پسند ڪندو ته هي هڪ فيچران لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
هن فيچر ذريعي اِهو اشارو ملي ٿوته گوگل طرفان يوٽيوب ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي کي هر شعبي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏهن اوهان يوٽيوب پريميئم سروس استعمال ڪري رهيا آهيو ته اينڊرائيڊ فون ۾ يوٽيوب ايپ هن فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهو ٿا.
ان مقصد لاءِ ڪنهن وڊيو کي اوپن ڪريو، اسڪرين جي ساڄي پاسي آڱر سان ٻنهي پاسي ڪلڪ ڪريو.
يعني جهڙي ريت وڊيو کي ڏهه سيڪنڊ اڳتي ڪيو ويندو آهي، ائين ڪرڻ سان Jump Ahead بٽڻ ساڄي پاسي هيٺ اسڪرين تي نظر ايندو، ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان وڊيو جا بهترين حصا ڏسي سگهندا.
يوٽيوب طرفان اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ” آسڪ “ بٽڻ پڻ ٽيسٽ واري مرحلي مان گذري رهيو آهي جنهن ذريعي پريميئم واهپيدار ڪنهن به وڊيو بابت مخصوص سوال پڇي سگهندا يا لاڳاپيل مواد ڳولي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.