اذلان شاهه ڪپ: پاڪستان ۽ جپان وچ ۾ ميچ سخت مقابلي بعد برابري تي ختم

ايپوا ( ويب ڊيسڪ ) ملائيشيا ۾ جاري 30 هين سلطان اذلان شاهه ڪپ ۾ پاڪستان ۽ جپان وچ ميچ سخت مقابلي کانپوءِ 1-1 تان برابر رهيو.
ملائيشيا جي شهر ايپوا ۾ جاري اذلان شاهه هاڪي ٽورنامنيٽ ۾ پاڪستان کي پنهنجي ٽئين ميچ ۾ جي 59 هين منٽ تائين هڪ گول جي خساري جو منهن ڏسڻو پيو جيڪو جپان طرفان راند يج 33 هين منٽ ۾ ڪين ناگا يوشي اسڪور ڪيو هو.
پاڪستان طرفان راند جي آخري منٽ ۾ پئنلٽي ڪارنر ذريعي راڻا وحيد اشرف گول ڪري جپان جي سرسي ختم ڪري ميچ 1-1 گول تان برابر ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۽ جپان جون ٽيون پوائنٽس ٽيبل تي 7 پوائنٽن سان پهرين ۽ ٻي پوزيشن تي موجود آهن، پاڪستان کي بهتر گول ايوريج تي سرسي حاصل آهي.
قومي هاڪي ٽيم پنهنجي پول جي چوٿين ميچ سڀاڻي ڪئناڊا خلاف پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي کيڏندي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ ميزبان ملائيشيا کي 4-5 جي اسڪور تان مات ڏني هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا خلاف 0-4 تان فاتح رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.