چيف جسٽس جو مدو طئي ڪرڻ وارو مطالبو بارز طرفان آيو، معاملو بحث هيٺ آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته چيف جسٽس جو مدو طئي ڪرڻ جو مطالبو بارز طرفان آيو جنهن تي ڊبيٽ جاري آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻاءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ ته اليڪشن ۾ هئي ئي ڪونه، ووٽ آزاد اميدوارن کي مليا، آزاد اميدوار اهڙي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا جنهن ڪا به سيٽ ناهي کٽي.
هن چيوته چيف جسٽس جو مدو طئي ڪرڻ جو مطالبو بارز طرفان آيو، جنهن تي ڊبيٽ جاري آهي.
راڻا ثناءُ الله پ پ جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان ظاهر ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پنجاب جي گورنر جي ڊوڙ مان انڪري ٻاهر ٿي ويا ته متان کين ڪابينا ۾ حصو ڏنو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هڪ بلاول سان ملاقات دوران هڪ ڀيرو وري کيس ڪابينا ۾ شموليت جي درخواست ڪئي جنهن تي پ پ چيئرمين جواب ڏنو ته هو ان معاملي تي پارٽي قيادت سان صلاح مشورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.