آسٽريلوي ڪپتان جي انجري ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي

برسبين( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان مچل مارش جي فٽنس آسٽريلوي بورڊ لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي.
ڪينگرو ڪپتان مچل مارش اڄ آسٽريليا ۾ موجود پليئرز سان برسبين ۾ ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي.
مچل مارش هيمسٽرنگ انجري سبب آءِ پي ايل اڌ ۾ڇڏي آسٽريليا واپس موٽي ويو هو.
ان حوالي سان آسٽريلوي ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ جو چوڻ آهي ته مچل مارش جي فٽنس ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي، کيس آءِ پي ايل مان ٻاهر ٿئي گهڻو وقت گذري چڪو آهي پر رفتار سان سندس فٽنس بحال ٿيڻ گهرجي ائين ناهي ٿي رهي.
انڊريو ميڪڊونلڊ چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرين ميچ ۾ اٽڪل هڪ مهيني جو وقت آهي، ان حساب سان وٽس مڪمل فٽ ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت آهي، جڏهن ته هو وڌيڪ ٻن هفتن تائين بالنگ نه ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.