400 عورتن سان زيادتي ۽ وڊيوز ٺاهيندڙ ڀارتي سياستدان جرمني فرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 400 عورتن سان جنسي زيادتي ۽ انهن جون وڊيوز ٺاهيندڙ ڀارتي سياستدان جرمني فرار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پرجوال ريوانا ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي اتحادي جماعت جو ميمبر ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم ايڇ ڊي ديوگوڙا جو پوٽو آهي، پرجوال ريوانا جي جماعت جنتال دل رياست ڪرناٽڪ ۾ بي جي پي جي اتحادي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم ديوگوڙا جي پٽ کي ملازمه تي جنسي تشدد جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب پرجوال جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري پوليس کي زيادتي جي شڪايت ڪئي هئي ۽ ڇوڪريءَ ان جي پيءَ تي به جنسي تشدد جو الزام هنيو هو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرجوال وٽ 400 عورتن سان مبينا زيادتي جون 2800 وڊيوز هيون، زيادتي جي وڊيوز جون 2 هزار يو ايس بي رياست جي پارڪن، بسن ۽ ٽرينن مان مليون، جڏهن ته زيادتي جون وڊيوز پرجوال ريوانا جي اڳوڻي ڊرائيور ليڪ ڪيون.
بينگلور جي اڳوڻي ڪائونسلر به پرجوال تي ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.
هوڏانهن ڀارتي سياستدان راهول گانڌي چيو آهي ته اهو جنسي اسڪينڊل نه اجتماعي زيادتي جو سنگين معاملو آهي، نريندر مودي زيادتي ڪندڙ پرجوال ريوانا جو ساٿ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.