ٻي شادي ڪرڻ تي زال جو عدالت ۾ ئي مڙس کي ڪُٽڪو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ زال مڙس جي ٻي شادي برداشت نه ڪري سگهي ۽ عدالت ۾ مٿس لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بهار رياست جي ضلعي جموئي ۾ پيش آيو، جتي مڙس جي ٻي شادي تي ڪاوڙيل زال آپي مان نڪري وئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته وڪاس ڪمار جموئي جي 7 سال اڳ شادي ٿي هئي پر بدقسمتي سان اولاد نه ٿيڻ سبب وڪاس ٻي شادي جو فيصلو ڪيو.
وڪاس پهرين زال کي ٻڌائڻ بنا ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ ان کي طلاق ڏيڻ بنا ٻي زال سان گڏ رهڻ لڳو، جنهن تي پهرين زال ان خلاف 3 مختلف ڪيس داخل ڪرايا.
ميڊيا رپورٽن موجب مڙس عدالت ۾ پنهنجي ضمانت لاءِ پهتو، جنهن تي زال کيس ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ مٿس لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان موقعي تي ماڻهن وچ ۾ اچي معاملو ٺاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.