ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن لاءِ اي آءِ جو استعمال ٿيڻ لڳو

هونئن ته سائنسي ترقي کانپوءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٻين شعبن ۾ قدم ڄمائي رهي آهي پر هاڻ انجي ڪرڪيٽ ۾ به انٽري ٿي وئي آهي.
انگلش وومين ٽيم جي هيڊ ڪوچ جان لوئس انڪشاف ڪيو آهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ڪهڙي ريت اي آءِ جو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ گذريل اونهاري ۾ ايشز سيريز ڊرا ڪرڻ ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي مدد ڏني.
هن اهو انڪشاف گذريل ڏينهن پاڪستان جي خلاف وومينز ٽيم جي اعلان جي موقعي تي ڪيو، هن چيو ته اي آءِ جي استعمال سان اوهان مخالف ٽيم جي مقابلي ۾ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا، جنهن سان ٽيم سليڪشن ۾ آساني ٿي ويندي.
لوئس چيو ته مان مخالف ٽيمن ۽ پنهنجي ٽيم جي نقل اي آءِ جي ماهرن کي ڏئي سليڪشن ۾ مدد وٺندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.