بالي ووڊ ۾ ڪهاڻيون مري ويون، ڪرينا ڪپور کي رنبير جي فلم تي بُڇان اچڻ لڳي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سُپر اسٽار ڪرينا ڪپور ڪنهن هڪ فلم جي ڪاميابي کانپوءِ ساڳئي طرز جون فلمون ٺاهڻ واري لاڙي تي تنقيد ڪندي رنبير ڪپور جي فلم ”اينيمل“ جو مثال ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور بالي ووڊ کي ”اَنڌي تقليد“ جو شڪار قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ رليز ٿيل فلم ”اينيمل“ جي ڪاميابي کانپوءِ ساڳئي قسم جون فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون ويون.
ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته جيئن ”اينيمل“ ۾ تمام گهڻو تشدد ڏيکاريو ويو هو، ان کانپوءِ ڪيترن ئي فلمسازن اهڙن موضوعن تي ڪم شروع ڪيو، جن ۾ پرتشدد منظرن جي ڀرمار هئي هئي.
هن چيو ته فلمي شوقين ان کان وڌيڪ سياڻا آهن، جيترو فلم انڊسٽري کين سمجهي ٿي، هاڻي نوجوان سوچي سمجهي فلمون ڏسن ٿا ۽ اهڙيون ڪهاڻيون پسند ڪن ٿا، جيڪي کين سوچڻ تي مجبور ڪن.
اداڪارا موجب، هاڻي ڳالهه روايتي پريم ڪهاڻين تائين محدود ناهي رهي، اهي شيون گهڻيون پراڻيون ٿي ويون آهن.
”اينيمل“ جو حوالو ڏيندي ڪرينا چيو ته فلم ميڪنگ ۾ هڪ اهڙو مائنڊ سيٽ موجود آهي ته ڪنهن فلم جي ڪاميابي ڏسي چيو وڃي ٿو ته ”هلو، اسان به تشدد تي ٻڌل فلمون ٺاهيون.“
هن ان رجحان کي ”اَنڌي تقليد“ قرار ڏيندي چيو ته ڪو فلمساز ڪا نئين شيءِ ڏيکاري ته سڀ ان جي پٺيان هلڻ لڳن ٿا.
ڪرينا ڪپور اهو به قبوليو ڪيو ته اهڙا فلمساز موجود آهن، جيڪي ڪجهه مختلف ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪو ناظرين کي سوچڻ تي مجبور ڪري.
هن چيو ته کيس لڳي ٿو ته هاڻي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو فلم جو ٽريلر ڏسي پاڻ فيصلو ڪندا ته کين اها فلم ڏسڻ گهرجي يا نه.
ڪرينا ڪپور اِهو به چيو ته هاڻي ناظر سوچڻ تي مجبور ڪندڙ سوال پڇن ٿا، تنهن ڪري فلمساز رڳو اهو سوچي فلم نٿا ٺاهي سگهن ته ڪاميڊي آهي، ان ڪري ماڻهو ضرور ڏسندا، هر فلم 200 يا 500 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار نه ڪندي.
هن چيو ته کيس لڳي ٿو ته تبديلي اچي رهي آهي ۽ فلم ڏسندڙ به ان تبديلي ۾ فلم انڊسٽري جي مدد ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته 2023ع ۾ رليز ٿيل ”اينيمل“ هڪ پرتشدد ايڪشن ڊراما فلم هئي، جنهن ۾ پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ منجهيل رشتي کي ڏيکاريو ويو هو.

You might also like