جي يو آءِ به نون صوبن واري کٽراڳ ۾ ڪُڏي پئي، مولانا فضل الرحمان اجلاس سڏائي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) ملڪ ۾ انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي معاملي تي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي مجلس عمومي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري موجب، مولانا فضل الرحمان 19 ۽ 20 سيپٽمبر تي پشاور ۾ پارٽي جي مرڪزي مجلس عمومي جو اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي جوڙجڪ بابت هلندڙ بحث تي پارٽي جي راءِ طئي ڪئي ويندي.
ترجمان موجب، اجلاس جي ايجنڊا ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ صوبائي پارٽين جي تيارين جو جائزو پڻ شامل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.
جي يو آءِ ترجمان موجب، اجلاس ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته ايندڙ سياسي حڪمت عملي پڻ طئي ڪئي ويندي.

You might also like