”حوثين کي روڪيو“، پاڪستان ايران تائين سعودي عرب جو سخت پيغام پهچائي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) ايراني حمايت يافته حوثي باغين طرفان يمن جي ڳاڙهي سمنڊ واري سامونڊي پٽي تي تيزيءَ سان قبضي کي سعودي ميڊيا خطي جي سلامتي ۽ عالمي سامونڊي اچ وڃ لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
سعودي عرب جي سرڪاري ٽي وي چينل الاخباريه 10 سيپٽمبر تي چيو ته تهران آبناءِ هرمز تان دٻاءُ منتقل ڪري آبناءِ باب المندب ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو.
حوثي باغين مخا جي بندرگاهه ۽ آبناءِ باب المندب جي چوڌاري ڪيترن ئي هنڌن تي قبضو ڪري ورتو آهي، هي علائقو ڳاڙهي سمنڊ ۾ عالمي سامونڊي اچ وڃ جي اهم لنگهه آهي.
سامونڊي پٽي واري علائقي جو ڪنٽرول ان کان اڳ سعودي عرب جي حمايت يافته يمن جي حڪومتي فوجن وٽ هو.
ايران جنگ سبب آبناءِ هرمز جي بندش کان اڳ ئي نار ملڪن جي سامونڊي واپار تي نمايان اثر پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ان صورتحال سبب ڳاڙهي سمنڊ ذريعي سعودي برآمدات لاءِ متبادل رستن جي اهميت وڌي وئي آهي.
الاخباريه جو چوڻ هو ته حوثين جي اڳڀرائي ايران جي ان حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي اهم سامونڊي لنگهن تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ ”عالمي معيشت کي بليڪ ميل ڪرڻ“ آهي.
سعودي خابرو اداري العربيه به موقف اختيار ڪيو آهي ته سعودي عرب جو ڊگهي عرصي کان علائقائي مخالف ايران هن ڪارروائي جي پويان آهي.
العربيه سان ڳالهائيندي هڪ مهمان دعويٰ ڪئي ته ايراني ماهر حوثين جي ڪارروائين جي نگراني ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته تهران باب المندب ڏانهن حوثين جي اڳڀرائي جي حمايت لاءِ پنهنجي مڪمل فوجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهي.
العربيه اهو پڻ رپورٽ ڪيو آهي ته پاڪستان تهران تائين سعودي عرب جو سخت پيغام پهچايو آهي، جنهن ۾ حوثين کي قابو ۾ رکڻ ۽ سندن اڳڀرائي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي 10 سيپٽمبر تي علائقائي ڇڪتاڻ بابت سعودي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان جي آرمي چيف سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ تي رابطا ڪيا.
ايران حوثين جي ڪارروائي جي هدايت ڏيڻ واري الزام کي رد ڪيو آهي، جڏهن ته هن يمن تي لاڳو ڪيل غيرقانوني ۽ غيرانساني گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.
ٻئي پاسي ايراني سخت گير ميڊيا حوثين جي جنگي ڪاميابين جي آجيان ڪئي آهي.

You might also like