چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي يا نه؟ بي سي سي آءِ ٻڌائي ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي نائب صدر راجيو شُڪلا جو پاڪستان ۾ ايندڙ سال شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي ٽيم موڪلڻ بابت بيان سامهون آيو آهي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ميگا ايونٽ ۾ اڃا وقت آهي، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ ٽيم پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي.
هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي بابت جيئن حڪومت چوندي تيئن ڪنداسين، ڀارتي ٽيم ان صورت ۾ پاڪستان موڪلينداسين جڏهن حڪومت اجازت ڏيندي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي فيبروري 2025ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيڻي آهي، ڄاڻايل شيڊيول موجب، ميگا ايونٽ جون ميچون پاڪستان جي ٽن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.