ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ پاڪستان ٽيم جي ڪِٽ جي مهورت ڪئي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڪِٽ جي مهورت ڪري ڇڏي.
جون ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ لاءِ قومي ٽيم جي ڪٽ جي مهورتي تقريب لاهور ۾ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سميت اعلي عهديدارن شرڪت ڪئي.
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڪِٽ پائي شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ پي سي بي طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ نسيم شاهه، وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ۽ صائم ايوب به ڪِٽ ۾ نظر آيا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪِٽ جو نالو ” ميٽرڪس “ رکيو ويو آهي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ٻه جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندا، پاڪستان ٽيم ميگا ايونٽ ۾ شرڪت کان اڳ آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.