2024 ۾ هاڻي تائين سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪهڙو؟

دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيڻ وارو سمارٽ فون ڪنهن اينڊرائڊ ڊيوائس ٺاهڻ واري ڪمپني جو نه پر ايپل جو آءِ فون 15 پروميڪس آهي.
اسمارٽ فونز جي وڪري جا انگ اکر جاري ڪرڻ واري ڪمپني ڪائونٽر پوائنٽ 2024 جي پهرين تي ماهي ( جنوري کان مارچ) وچ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارچ 2024 دوران سموري دنيا ۾ ايپل مهانگو ترين فون رهيو.
ان وقت ۾ مجموعي طور مارڪيٽ شيئر ۾ آءِ فون 15 پروميڪس جو حصو 4.4 سيڪڙو رهيو.
4.3 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان ٻيون نمبر آءِ فون 15 جي حصي ۾ آيو، جڏهن ته مارڪيٽ شيئر سان آءِ فون 15 پرو جو ٽيون نمبر رهيو.
چوٿين نمبر تي به آءِ فون جو ئي ماڊل موجود آهي، جنهن جي مارڪيٽ شيئر 1.9 سيڪڙو رهي.
ڏکڻ ڪورين ڪمپني گيليڪسي ايس 24 الٽرا جي حصي ۾ پنجون نمبر آيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سموري دنيا ۾ مهانگائي جي شرح ۾گهڻي واڌ ٿي رهي آهي، پر آءِ فون جي سڀ کان وڌيڪ خريداري ۽ وڪرو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.