3 ڄڻن کي پارٽي هاءِ جيڪ ڪرڻ نه ڏيندس: شير افضل مروت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ سياسي جماعت آهي، 3 ڄڻن کي پارٽي هاءِ جيڪ ڪرڻ نه ڏيندس.
پي اي سي چيئرمين جي حوالي سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ باني پي اي سي جي فيصلي کي سياسي ڪميٽي ۾ ريفر نه ڪيو، پي ٽي آءِ باني نه ئي اڃا تائين پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي.
هن چيو ته سڀاڻي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندس ۽ ان فراڊ کان آگاهه ڪندس، نه ڪميٽي اجلاس بابت آگاهه ڪيو ويو نه ئي ايجنڊا ۾ اهڙي ڪا شئي هئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هڪ سياسي جماعت آهي، 3 ڄڻن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ نه ڏيندس، پي ٽي آءِ باني کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.