حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت عبوري فيصلي تي خدشن جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ طرفان سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ جي عبوري حڪم ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو آئين جي تشريح جو معاملو آهي، مناسب هو ته لارجر بئنچ ڪو حڪم نامو جاري ڪري ها.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت 5 رڪني لارجر بئنچ جو معاملي جي ٻڌڻي ڪرڻ موزون هجي ها ۽ تمام مناسب هجي ها ته جيڪڏهن لارجر بئنچ ئي عبوري حڪم نامو جاري ڪري ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.