ملڪ جي مختلف حصن ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ هفتي گرمي پد وڌڻ ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 8 کان 10 مئي تائين گرمي پد 3 کان 5 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو.
هوڏانهن اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گرمي پد ۾ امڪاني واڌ سان هيٽ ويو جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ عوام احتياط ڪري ۽ غير ضروري سفر نه ڪري.
اين ڊي ايم اي موجب 10 مئي کان مختلف علائقن ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.