غزا ۾ نسل ڪشي جو سلسلو جاري، شهيد فلسطينن جو انگ 74 ٿي ويو!

غزا ۾ اسرائيلي فوجن پاران فلسطينين خلاف نسل ڪشي جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جڏهن ته جنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ لڳ ڀڳ 74 هزار تائين پهچي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ سال کان جاري اسرائيلي حملن ۾ زخمي فلسطينين جو انگ هڪ لک 75 هزار جي ويجهو پهچي چڪو آهي.

غزه جي صحت واري وزارت خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هزارين فلسطيني اڃا تائين ملبي هيٺ دٻيل آهن.

وزارت وڌيڪ چيو آهي ته خدشو آهي ته جاري حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جي آخري ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهو انگ هڪ لک کان به وڌي ويندو.

You might also like