مري جي هڪ گيسٽ هائوس مان خواجه سرا جو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب خواجه سرا ٻن ڏينهن کان مهمان خاني ۾ رهائش پذير هو، جڏهن ته مقتول جي ڳچيءَ تي تکي اوزار جا زخم موجود آهن.
پوليس ٻڌايو ته موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم کان پوءِ سامهون ايندو، جڏهن ته مهمان خاني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جون نگراني وارا ڪيمرائن جون وڊيوز حاصل ڪيون پيون وڃن.
ان کان سواءِ مقتول جي آخري چرپر ۽ ساڻس رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن بابت تفصيل پڻ گڏ ڪيا پيا وڃن.