پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته اسان کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي، الله تعاليٰ ضرور انصاف ڪندو.
لاڙڪاڻي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي 30هين ورسي جي پهرين تقريب پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي ڪارڪنن قرآن خواني ڪئي ۽ مزار تي گل ۽ پارٽي جا جهنڊا رکيا ويا.
انکانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 7 ساٿين کي قتل ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي، الله تعاليٰ ضرور انصاف ڪندو.
ورسي جي ٻي تقريب ڀٽو هائوس نوڊيرو ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي پڻ قرآن خواني ڪئي وئي ۽ عام ماڻهن لاءِ لنگر جو اهتمام ڪيو ويو.