عورتن ۽ ڪٽنب کي نشانو بڻائي نظريي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي: سهيل آفريدي

خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته پنجاب ۾ عورتن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، اهو اسان جي روايتن جي ابتڙ آهي.

پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ سهيل آفريدي عليمه خان جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو ته عليمه خان کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪرڻ بدترين سياسي انتقام آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ عورتن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، اهو اسان جي روايتن جي ابتڙ آهي. عورتن ۽ خاندانن کي نشانو بڻائي ڪنهن به نظريي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي.

خيبر پختونخوا جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي بنا ڪنهن خوف جي لتاڙيو پيو وڃي. عمران خان جي ڀينرن ۽ خاندان جي عورتن کي نشانو بڻائڻ ڪهڙي سياست ۽ اخلاقيات آهي؟

ٻئي پاسي خيبر پختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيع جان چيو آهي ته عليمه خان کي گهر جي ٻاهران گرفتار ڪرڻ مان پنجاب حڪومت جو خوف ظاهر ٿئي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ جو خوف ’جعلي حڪومت‘ کي سک سان ويهڻ نٿو ڏئي.

You might also like