ڪراچي: ڊاڪٽر سوڌو پنج گهرڀاتين جا لاش ملڻ واري واقعي بابت ڏکوئيندڙ انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ احسن آباد جي هڪ فليٽ مان مڙس، زال ۽ ٽن ٻارن جا لاش ملڻ واري واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏيندڙ شخص اهم انڪشاف ڪيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران نالي شخص ٻڌايو ته فليٽ مان تمام گهڻي بدبوءِ اچي رهي هئي، جيڪا برداشت کان ٻاهر هئي.

هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ۽ سندس ٻار ڪجهه ڏينهن کان نظر نه اچي رهيا هئا. ڊاڪٽر عمر هڪ خانگي اسپتال ۾ ملازمت ڪندو هو.

هن انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر سان ڦرلٽ جي واردات ٿي هئي، جنهن دوران ڌاڙيل ڊاڪٽر عمر جي پگهار ۽ ٻيون شيون ڦري کڻي ويا هئا.

ياد رهي ته احسن آباد جي هڪ فليٽ جي ستين ماڙ تي هڪ ڪمري مان مڙس، زال ۽ ٽن ٻارن جا لاش هٿ آيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڪيترائي ڏينهن پراڻا آهن.

پوليس واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته 13 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر عمر خانگي اسپتال مان استعيفيٰ ڏني هئي. ڊاڪٽر عمر ڪينسر جي تشخيص ٿيڻ سبب اسپتال مان استعيفيٰ ڏني هئي.

سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءَالحسن لنجار واقعي بابت ايس ايس پي اوڀر کان تفصيل طلب ڪيا هئا.

You might also like