طبي سائنسدانن هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مردن ۾ عمر وڌڻ سان رت جي خلين مان ’واءِ ڪروموزوم‘ جي ختم ٿيڻ جو ڪينسر جي شروعات ۽ ان جي خطرناڪ حد تائين پکڙجڻ سان گهرو لاڳاپو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، تحقيقي رسالي ’جي سي آءِ انسائيٽ‘ ۾ ڇپيل ٿيل تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن مردن جي عمر وڌندي آهي، تيئن جسم جي مختلف خلين مان واءِ ڪروموزوم ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، جنهن سان انساني جسم جو مدافعتي نظام متاثر ٿيندو آهي.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته واءِ ڪروموزوم جي اها کوٽ ڪينسر جي خلين کي مدافعتي نظام کان بچڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جنهن سبب رسوليون وڌيڪ تيزيءَ سان ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي وڌڻ لڳن ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دريافت کان پوءِ هاڻي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهندي ۽ مردن لاءِ ڪينسر جون مخصوص ۽ وڌيڪ اثرائتيون دوائون تيار ڪري سگهبيون.