سائنسدانن ”بليڪ هول“ جو هڪ وڏو راز پروڙي ورتو!

بليڪ هول بابت توهان گهڻو ڪجهه ٻڌو يا پڙهيو هوندو، پر هن ڪائناتي راز بابت اڃا به ڪيتريون ئي ڳالهيون سائنسدانن لاءِ اڻڄاتل آهن.

پر هاڻي سائنسدانن بليڪ هول جي هڪ ڳجهارت حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هڪ نئين تحقيق ۾ بليڪ هول جي ’ڳِيت‘ واري راز کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

بنيادي طور ان مان مراد بليڪ هول پاران تارن کي ڳهڻ دوران خارج ٿيندڙ توانائي آهي، جنهن دوران مادو بليڪ هول طرفان خلا ۾ تمام گهڻو پري اڇلايو ويندو آهي.

بليڪ هول اهڙا ڪائناتي جسم آهن، جيڪي تمام گهڻا ٿلها هوندا آه ۽ انهن جي ڪشش ثقل ايتري طاقتور هوندي آهي جو روشني توڙي مادو به ان مان ٻاهر نڪري نٿا سگهن.

بليڪ هول جي حد کي ’واقعاتي افق‘ چيو ويندو آهي، جتان ٻاهر نڪرڻ لاءِ روشنيءَ کان به وڌيڪ رفتار سان سفر ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

پر آسٽريليا جي ڪرٽين يونيورسٽي جي نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بليڪ هول جي واقعاتي افق ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ان جي تمام گهڻو ويجهو وڃڻو پوندو آهي ۽ اتي پهچڻ سان تارا تباهه ٿي ويندا آهن.

سائنسدانن ڪيترائي ڀيرا بليڪ هول جي ويجهو تارن جي تباهي جو مشاهدو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ’اسپيگيٽي فڪيشن‘ جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي. ان جو مطلب آهي ته انتهائي طاقتور ڪشش ثقل سبب ڪو جسم ڇڪجي ڊگهي ليڪ وانگر سنهو ٿي وڃي.

اسپيگيٽي فڪيشن کان پوءِ بليڪ هول آهستي آهستي تاري کي ڳهي وٺندو آهي، جنهن کان پوءِ ڪجهه مادو واپس خلا ۾ چشمي وانگر ڦوهارو بڻجي خارج ٿيندو آهي.

محققن موجب، توهان ائين چئي سگهو ٿا ته اها بليڪ هول جي ’ڳيت‘ وانگر آهي.

پر تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته اهو عمل ٻن مختلف مرحلن دوران ٿيندو آهي.

محققن ٻڌايو ته ان کان اڳ اهو عمل هڪ ڳجهارت هو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي واقعن ۾ مادو خارج ٿيڻ جا ٻئي مرحلا هڪ سال جي وقفي سان ٿيا، جڏهن ته ڪجهه واقعن ۾ اهو وقفو 3 يا 5 سالن تائين رهيو.

هن تحقيق دوران ريڊيو دوربينن ذريعي بليڪ هول مان مادو خارج ٿيڻ جي 20 واقعن جو تجزيو ڪيو ويو.

تحقيق مان معلوم ٿيو ته تمام وڏا بليڪ هول تارن کي ڳهڻ کان پوءِ مادو ٻن مختلف مرحلن ۾ خارج ڪندا آهن.

پهريون ڀيرو اهو ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن بليڪ هول تاري کي تيزيءَ سان ڳهي رهيو هوندو آهي، جڏهن ته ٻيو ڀيرو سوين يا هزارين ڏينهن کان پوءِ مادو خارج ٿيندو آهي.

تحقيق جا نتيجا تحقيقي رسالي ’نيچر آسٽرونامي‘ ۾ ڇپيا آهن.

بليڪ هول ڇا آهي؟

ياد رهي ته بليڪ هول ڪائنات جي ڳجهارتن مان هڪ آهي، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سائنسدان لڳاتار تحقيق ڪري رهيا آهن.

بليڪ هول کي ڪائنات جي اهڙي ڳجهارت سمجهيو ويندو آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي نالا استعمال ڪيا ويا آهن. ڪڏهن ان کي هڪ ڪائنات کان ٻي ڪائنات ڏانهن وڃڻ جو رستو چيو ويندو آهي ته ڪڏهن ’موت جو کوهه ‘.

ڪو به تارو ان وقت بليڪ هول بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ان جو سڄو مادو هڪ تمام ننڍڙي جاءِ ۾ قيد ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سج کي ٽينس جي بال جيتري جاءِ ۾ قيد ڪري ڇڏيون ته اهو بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندو.

You might also like