موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، ان دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب صبح جي وقت هوا ۾ گهم جو تناسب 74 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اتر اولهه طرفان هوائون 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.