ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي جو لانگ مارچ ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿي ويو.
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪري رهيا آهيون، اسان جو پهريون پڙاءُ حيدرآباد ۾ هوندو، ان کانپوءِ اڳتي وڌنداسين.
هن چيو ته حڪومت پاران ليوي ختم ڪئي ويندي ته احتجاج ختم ڪيو ويندو. وزير اچن ٿا، پر عوام کي رليف نٿا ڏين. حڪومت پاڻ ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت عالمي منڊي جو بهانو بڻائي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ٿي. اسان کي سخت گرمي ۾ احتجاج ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي، اسان جي جدوجهد عوام لاءِ آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن هر هنڌ کان قافلا اسلام آباد پهچي ويا ته پوءِ اسان لاءِ عوام کي روڪڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو.