سياسي پارٽين جا احتجاج ۽ مارچ جو سڏ، اسلام آباد جي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سياسي پارٽين جي احتجاج ۽ مارچ جي سڏ سبب وفاقي گادي واري شهر جي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پمز ۽ پولي ڪلينڪ ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته طبي ۽ غير طبي شعبن جي سربراهن جي موڪلن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن، نرسن، طبي سهائتا ڪندڙ عملي ۽ معاون عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي لاءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ مختلف شهرن مان ڪارڪن ريل ذريعي اسلام آباد پهچندا.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف به 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جي سڏ ڏئي رکي آهي.

You might also like