ڪراچي ۾ فليٽ مان هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب ڪراچي جي سائيٽ احسن آباد واري علائقي ۾ فليٽ مان 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن.
پوليس ٻڌايو ته لاش مڙس، زال ۽ سندن 3 ٻارن جا آهن، جڏهن ته پنج ئي لاش ڪيترن ئي ڏينهن پراڻا آهن.
پوليس اختيارين موجب سمورن لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ جو چوڻ آهي ته عمارت جي ستين ماڙ تي فليٽ جي هڪ ڪمري مان لاش مليا، جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن پراڻا آهن.
هن ٻڌايو ته فليٽ جا دروازا اندر کان بند هئا. فوت ٿيل شخص ڊاڪٽر ۽ گهر جو ڪفيل هو. قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم کانپوءِ ئي موت جو اصل سبب سامهون ايندو. لاشن جي سڃاڻپ ۽ واقعي جي مختلف پاسن کان جاچ جاري آهي.
پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ممڪن طور فوت ٿيل ماڻهن خودڪشي ڪئي آهي.
سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي بابت ايس ايس پي اوڀر کان تفصيل طلب ڪندي ابتدائي پوليس ڪارروائي ۽ قدمن کان فوري طور آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير چيو ته واقعي جي جاچ ۽ تحقيق ذريعي حتمي نتيجا سامهون آندا وڃن. ايس ايس پي اوڀر پنهنجي نگراني ۾ واقعي جي جاچ کي اثرائتو ۽ مربوط بڻائي.