سائنسدانن جو وري نئون ڪارنامو! اي سي جي ضرورت ئي ختم

چين جي سائنسدانن اهڙي ايجاد ڪئي آهي، جيڪا ايئرڪنڊيشنر (اي سي) جي ضرورت ختم ڪري سگهي ٿي.

چين ۾ اهڙي خاص رنگ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، جيڪو اونهاري دوران گهرن جي اندرين گرمي پد کي 25 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو.

هن انوکي رنگ جي حقيقي حالتن ۾ 6 مهينن تائين هينان صوبي جي هڪ ڪارخاني ۾ آزمائش ڪئي وئي.

هي رنگ گرمي خارج ڪندڙ ٿڌڪ واري ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿو، جنهن لاءِ بجلي يا ڪنهن به قسم جي ٿڌڪ ڏيندڙ مواد جي ضرورت نٿي پوي.

بنيادي طور تي گرمي خارج ڪندڙ ٿڌڪ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي، جنهن ۾ گرمي کي واپس موٽائي يا خارج ڪري شين کي ٿڌو ڪيو ويندو آهي.

هڪ رپورٽ ۾ هن رنگ جي آزمائش جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب هن رنگ جي تهه کي سرڪاري عمارتن ۽ گهرن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن رنگ جي سال ۾ 6 لک ٽن مقدار تيار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

جنهن ڪارخاني ۾ هن رنگ جي آزمائش ڪئي وئي، اتي عام طور اندروني گرمي پد گهٽ رکڻ لاءِ پاڻي ڇٽڪائيندڙ نظام استعمال ڪيو ويندو هو، پر رنگ جي تهه وسيلي بغير ڪنهن توانائي جي استعمال جي اهو مقصد حاصل ٿي ويو.

هي رنگ سج جي شعاعن کي واپس موٽائي ڇڏي ٿو.

هي رنگ چائنا ڪنسٽرڪشن ايڪو ڊولپمينٽ ڪمپني ۽ هاربن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن گڏجي تيار ڪيو آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سخت گرمي جي لهرن دوران به هي رنگ اندرين گرمي پد کي محفوظ سطح تي برقرار رکي ٿو.

محققن جو اندازو آهي ته هن رنگ جي سراسري عمر 15 سالن تائين ٿي سگهي ٿي.

You might also like