ڇا توهان ڪو اهڙو خاندان ڏٺو آهي، جنهن جي ڪيترن ئي نسلن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي ڄمڻ جي تاريخ هڪ ئي هجي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو، پر آمريڪا ۾ واقعي هڪ اهڙو خاندان موجود آهي، جنهن جي پنجن نسلن جي ڄمڻ جي تاريخ هڪ ئي آهي.
گنيز عالمي رڪارڊز آمريڪي رياست آئووا سان واسطو رکندڙ فريڊ هارلو ۽ سندس خاندان جو نالو عالمي رڪارڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ ئي خاندان جي ڪيترن ئي نسلن جي هڪ ئي تاريخ تي پيدا ٿيڻ جو رڪارڊ هاڻي گنيز عالمي رڪارڊز جو حصو بڻجي ويو آهي.
فريڊ هارلو 14 سيپٽمبر 1972ع تي پيدا ٿيو هو، جيڪا سندس ناني ۽ والده جي به ڄمڻ جي تاريخ آهي.
سندس نانو ويبر 14 سيپٽمبر 1907ع تي، جڏهن ته والده ايڊي 14 سيپٽمبر 1949ع تي پيدا ٿي هئي.
فريڊ هارلو جي ڌيءَ ايما بيل ۽ سندس نواسو آرٿر به 14 سيپٽمبر تي پيدا ٿيا، البت ايما بيل جي پيدائش جو سال 1997ع ۽ آرٿر جو 2025ع آهي.
فريڊ هارلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”هي هڪ تحفو آهي، واقعي هڪ تمام منفرد تحفو آهي. اسان هميشه سوچيندا هئاسين ته اها ڳالهه تمام عجيب آهي، پر ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهو ڪنهن قسم جو رڪارڊ به آهي.“
ايما بيل ٻڌايو ته پٽ جي پيدائش کانپوءِ هن گنيز عالمي رڪارڊز جو سرڪاري سرٽيفڪيٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ چئن خاندانن تائين محدود هو، پر آرٿر جي پيدائش کانپوءِ فريڊ هارلو جو خاندان انهن کان اڳتي نڪري ويو.
ايما بيل ٻڌايو ته ”مان پنهنجي ڏاڏي کان اها ڳالهه ٻڌندي وڏي ٿي هيس ته منهنجو پٽ 14 سيپٽمبر تي پيدا ٿيندو، تنهنڪري مان ان ڳالهه تي قائم ۽ پُرعزم هيس ته پٽ جي پيدائش به ساڳئي تاريخ تي ٿئي.“
آرٿر صحيح وقت تي دنيا ۾ آيو ۽ ايما بيل موجب، جيڪڏهن سندس ڏاڏي زنده هجي ها ته هوءَ ضرور تمام گهڻي پرجوش ٿئي ها.
هن خاندان موجب هڪ ٻيو پاسو به هن تاريخ کي وڌيڪ خاص بڻائي ٿو.
ايما بيل ٻڌايو ته ”هن سلسلي جي شروعات ويبر کان ٿي، تنهنڪري پهرين ڇوڪرو، پوءِ ڇوڪري، پوءِ ڇوڪرو، ڇوڪري ۽ هاڻي ڇوڪرو؛ اهو سلسلو ترتيب سان هلي رهيو آهي.“