ججن خلاف سوشل ميديا مهم تي توهين عدالت ڪارروائي لاءِ بئنچ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ججن خلاف سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت ڪيسن تي ٻه لارجر بئنچون جوڙيون ويون آهن.
جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس بابر ستار خلاف ناڪاري سوشل ميڊيا مهم تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻنهي توهين عدالت ڪيسن تي بئنچون جوڙي ڇڏيون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻه لارجر بئنچون جوڙيون آهن، جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس ارباب محمد طاهر بئنچ جو حصو هوندا.
جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان بئنچ ۾ شامل هوندا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سڀاڻي ٻنهي ڪيسن جي ڪاز لسٽ جاري ٿيندي، عدالت ۾ سڀاڻي ٻنهي ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.