9 مئي جي ذميوارن کي قانون موجب جوابدار قرار ڏيڻ گهرجي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 9 مئي کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، 9 مئي تي تشدد جي ذميوارن کي قانون موجب جوابدار قرار ڏيڻ گهرجي.
پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري 9 مئي جي پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته 9 مئي تي سياسي طور مڇريل هجوم سڄي ملڪ ۾ ڪهرام مچايو ۽ سرڪاري ملڪيتن ۽ فوجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
سندس چوڻ هو ته واقعن سان ملڪ جو تاثر بري طرح متاثر ٿيو ۽ پرتشدد واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جا مفاد پورا ٿيا، حملا رياستي رٽ، قانون جي حڪمراني ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هئا.
هن تنبيهه ڪندي چيو ته بنيادي حقن جو غلط استعمال ڪري تشدد تي اڪسائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قطعي برداشت نه ڪنداسين.
صدر آصف علي زرداري بهتر مستقبل جي تعمير، سياسي ورهاست ۽ نفرت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.