پاڪستان 13 سال بعد اذلان شاهه هاڪي ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان هاڪي ٽيم 13 سان بعد سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي.
ملائيشيا ۾ جاري 30 هين سلطان اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ڪپ ۾ جاپان ملائيشيا کي شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن پاڪستان ۽ جاپان اذلان شاهه ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويا.
جاپان ملائيشيا کي 2_1 سان شڪست ڏني جنهن بعد پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان ۽ جاپان 10_10 جا پوائنٽس ٿي ويا، جنهن ڪري جاپان ۽ پاڪستان جون ٽيمون فائنل ۾ پهچي ويون.
اربع تي پاڪستان پنهنجي چوٿين مئچ ۾ ڪينيڊا کي 5_4 گول سان ڏئي ڪري ايونٽ ۾ فائنل لاءِ مضبوط اميدوار طور پنهنجي حيثيت ثابت ڪري ڇڏي هئي.
پاڪستان پنهنجو پنجون گروپ مئچ 10 مئي تي نيوزيلينڊ خلاف پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ بجي کيڏندو.
ياد رهي ته پاڪستان 2011 کانپوءِ اذلان شاهه جي فائنل ۾ پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.