ايپل 2 نوان آءِ پيڊ متعارف ڪرائي ڇڏيا

ايپل آءِ پيڊ ائير ۽ آءِ پيڊ پروٽيبليٽس جا نوان ورجن متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
7 مئي جي شام ڪمپني طرفان نون ٽيبليٽس کي پيش ڪيو ويو.
اهي آڪٽومبر 2022 کانپوءِ متعارف ڪرايل پهريان آءِ پيڊز آهن.
آءِ پيڊ پرو ڪمپني جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ڀريل ٽيبليٽ آهي جيڪو 11 انچ ۽ 13 انچ ڊسپلي ۾ دستياب هوندو.
ڪمپني موجب اهو هينئر تائين سڀ کان سنهڙو ٽيبليٽ آهي ۽ ميجڪ ڪي بورڊ نالي نئين ڪيس سان گڏ دستياب هوندو.
ايپل ٻڌايو آهي ته ڪيس سان گڏ آءِ پيڊ پرو جو استعمال ڪرڻ سان اهڙو محسوس ٿيندو جيئن اوهان ليپ ٽاپ استعماڪ ڪري رهيا هجو.
ميجڪ ڪي بورڊ کي الڳ خريد ڪرڻو پوندو جڏهن ته ٽيبليٽ لاءِ هڪ نئين ايپل پينسل پرو به متعارف ڪرائي وئي.
ٽيبليٽ لاءِ ايپل جي نئين ايم 4 چپ استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڪمپني آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي لاءِ طاقتور چپ قرار ڏنو ويو آهي.
ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ پيڊ پرو ۾ هڪ نئين قسم جي ڊسپلي ٽينڊيم او ايل اي ڊي کي استعمال ڪيو ويو.
ايپل موجب آءِ پيڊ پرو پروفيشنل وڊيو پروڊيوسر لاءِ مدد ثابت ٿيندو، جنهن لاءِ هڪ نئين ايپ فائنل ڪٽ ڪيمرا تيار ڪئي وئي آهي.
اهي ٻئي ٽيبليٽس ايندڙ هفتي کان مختلف ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.