برساتن سان آبي ذخيرن ۾ واڌ، ارسا صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا وڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برساتن سان آبي ذخيرن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا وڌائي ڇڏي.
ارسا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پاڻي جي آمد ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ خريف لاءِ پاڻي کوٽ 30 سيڪڙو مان گهٽجھي 21 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ تازين برساتن سان پاڻي جي ذخيرن ۾ تقريبن 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ واڌ ٿي آهي.
ارسا موجب اڄوڪي ڏينهن تائين تربيلا، منگلا ۽ چشما جا آبي ذخيرا 4.358 ملين ايڪر فوٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.