9 مئي واقعن ته مون کان معافي گهرو: عمران خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 2014ع جي ڌرڻي بابت پاڻ مٿان مڙهيل سمورن الزامن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته هو 2014ع واري ڌرڻي جي انڪوائري لاءِ تيار آهي، خوشي ٿيندي ته کيس انڪوائري ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته هو ڇو نوَ مئي جي واقعن تي معافي وٺي، معافي ته هُن وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون ته نه ڪريو، هو ته ملڪ لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته نوَ مئي وارن واقعن جو ان وقت پتو پيو جڏهن کيس سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيوويو، 9 مئي جي واقعن جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي آڏو مذمت ڪئي هئي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته فوج اسان جي آهي ۽ فوج سان ڪو مسئلو ناهي، 27 ورهين جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڀڃ ڊاهه ناهي ڪئي، اسان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي چونڊن لاءِ ٽوڙيون، سياسي جماعت وڳوڙ ناهي چاهيندي.
عمران خان چيو ته 2013ع جي اليڪشن آر اوز جي اليڪشن هئي، نگران وزيرِاعظم جي فارم 47 تي بيان کانپوءِ حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون؟
پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته صدر، وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير ۽ سينيٽ چونڊ سڀ فراڊ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.