عمران خان جو شير افضل مروت سان ملڻ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ذريعن موجب شير افضل مروت اڊيالا جيل اندر ڪانفرنس روم جي ڀر واري ڪمري ۾ پهتو هو، پي ٽي آءِ باني کي لسٽ ڏني وئي، جنهن شير افضل مروت سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت کي ملاقات لاءِ باقاعدي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي پر عمران خان ساڻس ملاقات ۽ ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شير افضل مروت واپس هليو ويو.
هوڏانهن شير افضل مروت چيو ته ملاقات کان انڪار جي خبرن ۾ سچائي ناهي، اڄ معمول موجب 6 اڳواڻن جي ملاقات هئي ۽ منهنجو نالو شامل نه هو.
هن چيو ته منهنجي پي ٽي آءِ باني سان سڀاڻي ملاقات طئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.