پيشاب جي نالي ۾ ساڙو ۽ رنگ مٽجڻ ڇا جي علامت؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻڌڻ ۾ اهو عجيب لڳي ٿو پر اوهان جڏهن به ٽوائليٽ جو رخ ڪريو ته اوهان وٽ صحت کي جاچڻ جو هڪ موقعو هوندو آهي، ان مقصد لاءِ پيشاب جو رنگ مددگارثابت ٿي سگهي ٿو.

مختلف کاڌا ۽ دوائون پيشاب جي رنگ کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڪهڙو وقت آهي جڏهن ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ گهرجي.

اوهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪنهن وقت خطرو آهي ۽ وڌيڪ پريشاني کان بچڻ لاءِ ڊاڪٽر ڏانهن وڃجي.

جيڪڏهن پيشاب جو رنگ نارنگي آهي يا اورينج هجي ته اهو وٽامن بي ٽو يا بيٽا ڪيروٽن جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ٿي سگهي ٿو يا سور گهٽائيندڙ دوائن، ڪيموٿراپي وارين دوائن ۽ جلاب جو اثر به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين ناهي ته گهڻو پاڻي پي ڏسو ڇو ته ڊي هائڊريشن جي ڪري به پيشاب جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي. پاڻي پيئڻ بعد ڏسو ته اهو رنگ معمول تي آيو يا نه؟ جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته اکين جو معائنو ڪريو ته اکين جي اڇي حصي ۾ هلڪي ڦڪاڻ ته نه آهي؟ جيڪا جگر جي افعالن ۾ خرابي جي علامت هوندي آهي.

جيڪڏهن پيشاب جو رنگ ڀورو آهي ته اها جسم ۾ وڌيڪ پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، مناسب پاڻي پيئڻ بعد رنگ ۾ تبديلي نه اچي ته اهو جگر جي مرضن جيئن هيپاتائٽس ۽ ٻيون علامتون ٿي سگهن ٿيون. ان صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن پيشاب جو رنگ گلابي يا ڳاڙهو هجي ته خطري جي گهنٽي ٿي سگهي ٿي پر ان کان اڳ اهو ڏسو ته تازو چقندر، پيزا وغيره ته ناهي کاڌو، جيڪڏهن کاڌو آهي ته ڳڻتي جي ضرورت ناهي. اهڙي ريت ٽي بي لاءِ کاڌي ويندڙ دوائن جي ڪري به پيشاب جو رنگ تبديل ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ناهي ته اها رت به ٿي سگهي ٿي جيڪا گردن جي مرضن، رسولي، پيشاب جي نالي ۾ انفيڪشن يا مثاني ج مرضن جي علامت ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورت ۾ پهرئين فرصت ۾ ئي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

جيڪڏهن پيشاب جو رنگ نيرو يا سائو ٿي وڃي ته ائين اڪثر فوڊ ڪلر جي ڪري ٿيندو آهي جيڪو ڪجهه دوائن ۾ به استعمال ٿيندو آهي. جيڪڏهن اهو مسئلو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ حل نه ٿئي ته پوءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو ڇو ته سائو رنگ پيشاب جي نالي ۾ خرابي جي مسئلي ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن پيشاب ۾ جهڳ ٿي رهي هجي ته ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه پريشاني جهڙي ناهي هوندي پر پر ڪڏهن ڪڏهن جهڳ وڌي وڃي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي، ڇو ته عام طور تي اها جهڳ پروٽين خارج ٿيڻ جي نشاني هوندي آهي جيڪا گردن جي مرض جي علامت ٿي سگهي ٿي.

جيڪڏهن پيشاب بي رنگ يا پاڻي جهڙو هجي ته ان جو مطلب آهي ته اوهان وڌيڪ پاڻي پي رهيا آهيو، ڪجهه موقعن تي وڌيڪ پاڻي پيئڻ خطرا به پيسا ڪندو آهي، پر سڀ کان اهم جسم ۾ نمڪيات جي کوٽ آهي جنهن سبب جسم ۾ ڪاميائي توازن تبديل ٿي ويندو آهي.

عام طور تي پيشاب هلڪو ڦڪو هجي ته ان مان خبر پوي ٿي ته اوهان صحتمند آهيو ۽ جسم کي مناسب مقدار ۾ پاڻي ملي رهيو آهي.

جيڪڏهن پيشاب جو رنگ ڪافي حد تائين ڦڪو هجي ته اهو نارمل هجڻ جي علامت آهي پر جيڪڏهن اهو گهڻو ڦڪو ٿئي ته ان جو مطلب آهي ته اوهان صحتمند ته آهيو پر جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اوهان کي پاڻي پيئڻ گهرجي.

اهڙي ريت جيڪڏهن ان جو رنگ ڳاڙهو ٿي وڇي ته اهو واضح طو تي ڊي هائيڊريشن جي نشاني آهي، جنهن جو علاج پاڻي جي وڌيڪ استعمال سان ئي ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.