جسٽس محسن اختر ڪياني به توهينِ عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني به توهينِ عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو .
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي توهينِ عدالت جي ڪارروائي جي درخواست ڪئي آهي.
ان کان اڳ جسٽس بابر ستار طرفان به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پنهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي توهينِ عدالت جي ڪارروائي لاءِ خط لکيو هو.
ذريعن موجب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن جي خطن تي اڄ بئنچ جوڙڻ جو امڪان آهي، جيڪا ٻنهي ججن خلاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپئگنڊا تي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي.
ياد رهي ته جسٽس بابر ستار جي آمريڪي شهريت بابت سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترديدي بيان جاري ڪندي چيو هوته جسٽس بابر ستار وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.