بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين پاران واهپيدارن کان 51 ارب رپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙڻ جي درخواست

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين واهپيدارن کان 51 ارب رپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين طرفان 51 ارب 88 ڪروڙ رپيا اوڳاڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
درخواست هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
ڪمپنين، ڪيپسيٽي چارجز جي مد ۾ 31 ارب 34 ڪروڙ رُپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 5 ارب 57 ڪروڙ رُپيا گهريا ويا آهن.
بجلي مهانگي ٿيڻ جي صورت ۾ واڌو اگهه ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي پڻ لاڳو ٿيندا، ان حوالي نيپرا 17 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.