ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي: وفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب ۽ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، معاشي هدف درست رخ ڏانهن وڃي رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ بنيادي ڍانچي جي بهتري ضروري آهي، ٽيڪس سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، غير ترقياتي خرچ گھٽائڻ ضروري آهي
هن چيو ته نجي شعبي جي سهڪار سان معيشت کي بهتر بڻائينداسين، سعودي عرب جي وفد سان ڳالهيون هاڪاري رهيون، آءِ ايم ايف ٽيم هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي.
ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو ملڪ معاشي طور مضبوط هوندو اهو ئي ترقي ڪندو، ملڪ جي معيشت جو دارو مدار سياسي استحڪام سان آهي، ايوان ٽيڪس قانون ۾ سڌارن جو بل پاس ڪيو آهي، پينشن جو بار گھٽائڻ لاءِ پينشن سڌارا متعارف ڪرائينداسين.
هن چيو ته رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ سان پينشن جو دٻاءُ فوري طور تي گھٽبو، رٽائرمينٽ ۽ پينشن بابت سڌارا سمورن ادارن تي لاڳو ٿيندا، ملڪي معيشت درست رخ ۾ هلي رهي آهي، عالمي ادارا به ملڪ جي معاشي استحڪام جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.