9 مئي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻي پوندي، وٽن رستو آهي ته معافي وٺن: پاڪ فوج

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ دل، جان سان ڪوشش ڪئي. تازو دهشتگردي جون ڪڙيون افغان سرزمين سان وڃي ملن ٿيون، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن حد تائين وينداسين، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوثن کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان کي پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ موجود پناهگاهن ۽ افغان سرزمين تان آزاداڻين ڪارروائين تي خدشا آهن.
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي شهرين کي هر قيمت تي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي پهرين ترجيح ملڪ امن امان قائم ڪرڻ آهي ۽ ان لاءِ اسان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن حد تائين وينداسين.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ملڪي مفاد ۾ ڪيو ويو، هيل تائين 5 لک 63 هزار 639 غيرقانوني افغان شهري پنهنجي ڏيهه واپس وڃي چڪا آهن جڏهن ته لکين افغان شهري اڃا به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.
هن چيو ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ڪنهن کان لڪيل نه آهي، پاڪستان دهشتگردي جي جواب ۾ افغانستان ۾ سرحدي علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن کي نشانو بڻايو.
سندس چوڻ هو ته بشام ۾ چيني انجنيئرز جي گاڏي کي آپگهاتي حملي آور نشانو بڻايو، ان حملي جون ڪڙيون به سرحد پار سان وڃي ملن ٿيون، حملي جي منصوبابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي. آپگهاتي بمبار به افغان شهري هئا. ان جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ هر ضروري اپاءَ ورتا پيا وڃن.
هن چيو ته بي ايل اي جي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جون منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڏيندي رهندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي تي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارت ڪشمير کانسواءِ ٻين عالمي ڏوهن ۾ ملوث آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ به ملوث آهن، چيني شهرين جي سڪيورٽي اسان جي پهرين ترجيح آهي.
ميجر جنرل احمد شريف چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پيچيدهه آهي، ڪيترن ئي سڌريل ملڪن ۾ مسنگ پرسنز جو انگ هزارن ۾ آهي، اسان وٽ مسنگ پرنسنز جي معاملي تي پروپيگئنڊا وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي، غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا.
ميجر جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته 9 مئي رڳو پاڪ فوج جو نه پر پوري پاڪستان جي عوام جو ڪيس آهي، 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن کي انجام تائين نه پهچايو ته انصاف جي نظام تي سواليه نشان آهي، 9 مئي تي عوام ۽ فوج ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سربراهن ۽ ادارن جي خلاف نفرت پکيڙي وئي، 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.